ڪنڌڪوٽ ۾ ڀت ڪرڻ سبب 2 ٻارڙا فوت، 6 ڄڻا زخمي

ڪنڌڪوٽ (ويب ڊيسڪ) ڪنڌڪوٽ ۾ ڀت ڪرڻ سبب 2 ٻارڙا فوت ۽ 2 عورتن سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

واقعو ڳوٺ رحيم بخش کوسو ۾ پيش آيو، جتي جاويد بهلڪاڻي جي گهر جي زبون حال ڀت ​​اوچتو ڪري پئي.

8 ڄڻا ڀت جي ملبي هيٺ دٻجي ويا. مقامي ماڻهن ٻن ٻارڙن جا لاش ڪڍيا.

ٻن عورتن سميت 6 ڄڻا زخمي حالت ۾ ملبي مان ڪڍيا ويا.

فوت ٿيل ٻن ٻارڙن ۾ 11 ورهين جو عبدالرحمان ۽ 9 ورهين جو داني بخش شامل آهن، ٻئي ٻارڙا ڀائر هئا جڏهن ته زخمين کي اسپتال نيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.