پاسپورٽ ٺهرائڻ لاءِ آن لائن اپائنٽمنٽ ڪيئن حاصل ڪجي؟

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڊائريڪٽوريٽ جنرل پاسپورٽ اينڊ اميگريشن پاسپورٽ لاءِ درخواست ڏيندڙ شهرين لاءِ آن لائن اپائنٽمنٽ بڪنگ سسٽم بڻائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
ڊي جي مصطفٰي جمال جي اڳواڻي ۾ اها هدايت زونل آفيسن ۾ پاسپورٽ درخواستڏيندڙ جي سهولت ۾ اضافي ڏانهن هڪ قدم آهي.
درخواست ڏيندڙن لاءِ سهولتن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ هن ايس ايم ايس الرٽس ذريعي نوٽيفڪيشن سسٽم جي تجويز پيش ڪئي.
ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف پاسپورٽس اينڊ اميگريشن طرفان سڄي ملڪ ۾ پاسپورٽ آفيسن ۾ اي پاسپورٽ جي سهولت شروع ڪرڻ بعد اها سهولت شروع ڪئي وئي آهي.
واضح رهي ته وفاقي حڪومت طرفان جون ۾ اي پاسپورٽ متعارف ڪرائڻ جو مقصد پاسپورٽ سروسز کي جديد بڻائڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.