ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ مليريا جي ڪيسن ۾ خطرناڪ حد تائين واڌ ٿي وئي، هلندڙ سال صوبي ۾ مليريا جا ٻه لک 69 هزار 596 ڪيس رپورٽ ٿيا.
سنڌ ۾ مڇرن جي ڀرمار سبب مليريا جي ڪيسن ۾ خطرناڪ حد تائين واڌ ٿي وئي ۽ حيدرآباد ڊويزن سڀ کان وڌيڪ متاثر آهي.
هلندڙ سال سنڌ ۾ مليريا جا ٻه لک 69 هزار 596 ڪيس رپورٽ ٿيا، صوبائي صحت کاتي جو چوڻ آهي ته حيدرآباد ڊويزن ۾ جنوري کان آگسٽ تائين هڪ لک 32 هزار 441 ڪيس رپورٽ ٿيا.
ان کانسواءِ ميرپورخاص ڊويزن ۾ 65 هزار 807 ڪيس، لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ 48 هزار 499 ڪيس ۽ سکر ڊويزن ۾ 11 هزار 591 ڪيس رپورٽ ٿيا.
اهڙي ريت شهيد بينظير آباد ۾ 4 هزار 924 ۽ ڪراچي ۾ هڪ هزار 834 شهري مليريا سان متاثر ٿيا.
صوبائي صحت کاتي جو چوڻ آهي ته هلندڙ سال مليريا سان ڪا فوتگي سامهون ناهي آئي.
You might also like