ڪراچي (ويب ڊيسڪ) لياقت آباد پل تي شهري ڦر کان بچڻ لاءِ موٽر سائيڪل ڇڏي پُل تان ٽپو ڏئي ڇڏيو.
ڪراچي ۾ ڦورن شهرين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو، لياقت آباد پل تي ڦورن شهري کي روڪي کانئس موٽر سائيڪل ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي شهري موٽر سائيڪل ڇڏي پل تان ٽپو ڏئي ڇڏيو.
پوليس موجب زخمي شهري کي سندس دوستن اسپتال منتقل ڪيو، اوچائي وڌيڪ نه هجڻ سبب شهري محفوظ رهيو ۽ کيس معمولي ڌڪ لڳا.
You might also like