پاڪ – ڀارت مقابلو، ڏاهاڻي وڏي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ٽيم جي فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي پاڪ ڀارت ميچ جي حوالي سان وڏي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
پاليڪيلي اسٽيڊيم ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون آمهون سامهون آهن ۽ هر ڪو ان ميچ تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي نظر اچي رهيو آهي.
قومي ٽيم جي فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي به ميچ جي حوالي سان تبصرو ڪيو آهي، ٽوئيٽر تي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن اوپنر فخر زمان بابت اڳڪٿي ڪئي.
ڏاهاڻي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته ”مون کي فخر زمان ڀارت خلاف سينچري ڪندي نظر اچي رهيو آهي“.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.