انفنڪس جو بهترين ڪيمرائن وارو مڊ رينج فون متعارف

سمارٽ فون ٺاهيندڙ چيني ڪمپني انفنڪس بهترين ڪيمرائن وارو مڊ رينج فون ”زيرو 30 فائيو جي“ متعارف ڪرائي ڇڏيو.
انفنڪس: زيرو 30 فائيو جي“ کي ڪيمرائن جي حوالي سان بهترين فون قرار ڏنو پيو وڃي ڇو جو ان ۾ سيلفي ڪيمرا به 50 ميگا پڪسل جي آهي.
اهڙيءَ طرح فون جي بيڪ تي به ٽي ڪيمرائون ڏنيون ويون آهن ۽ ڪيمرائن جي ميگا پڪسل کي وڌائڻ سوڌو انهن جي سينسرز کي به اپگريڊ ڪيو ويو آهي.
موبائل ڪمپني واهپيدارن جو ڌيان حاصل ڪرڻ لاءِ فون ۾ سام سنگ جي ٽيڪنالوجي واريون ڪيمرائون استعمال ڪيون آهن.
”انفنڪس: زيرو 30 فائيو جي“ جي پٺيان 108 ميگا پڪسل جي مين ڪيمرا ڏني وئي آهي جڏهن ته ٻي 13 ٽين 2 ميگا پڪسل جي آهي.
اهڙيءَ طرح فون جي فرنٽ تي ڏنل 50 ميگا پڪسل ڪيمرا جي سينسرز کي اپگريڊ ڪيو ويو آهي.
فون جي اسڪرين 87-6 انچ رکي وئي آهي جڏهن ته پنج هزار ايم اي ايڇ بيٽري سان گڏ ان ۾ 68 واٽ جو چارجر ڏنو ويو آهي.
فون ۾ اينڊرائڊ 13 آپريٽنگ سسٽم جڏهن ته اوڪٽا ڪور جو سي پي يو ڏنو ويو آهي.
”انفنڪس: زيرو 30 فائيو جي“ کي 8 ۽ 12 جي بي ريم جڏهن ته 256 جي بي ميموري سان گڏ پيش ڪيو آهي.
فون ۾ فنگر پرنٽ سينسر سوڌو ٻيا فيچرز به ڏنا ويا آهن ۽ ڪمپني جي دعويٰ آهي ته ان ۾ سيڪيورٽي فيچرز کي اپگريڊ ڪيو ويو آهي.
ڪمپني فون ۾ بهترين ٽيڪنالوجي واري ڪيمرا استعمال ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
فون کي شروعاتي طور تي يورپي ملڪ اٽلي ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي، پر جلد ان کي پاڪستان سوڌو ٻين ملڪن ۾ به وڪري لاءِ پيش ڪيو ويندو.
ڪمپني فون جي 8 جي بي ماڊل جي قيمت پاڪستاني هڪ لک 7 هزار رپيا رکي آهي جڏهن ته 12 جي بي ماڊل جي قيمت جو اعلان ناهي ڪيو ويو، امڪان آهي ته ان جي قيمت هڪ لک 15 هزار رپيان کان گھٽ هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.