پنجاب مان داعش جون 5 دهشتگرد عورتون گرفتار

لاهور (ويب ڊيسڪ) ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) پنجاب جي مختلف علائقن ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران ڪالعدم تنظيم داعش سان سلهاڙيل 5 مبينا دهشتگرد عورتون گرفتار ڪري ورتون.
سي ڊي ٽي ذريعن موجب لاهور مان 3 ۽ شيخوپورا مان 2 عورتن کي گرفتار ڪيو ويو، انهن جي قبضي مان پابندي پيل ڪتاب، موبائل فون ۽ هٿيار برآمد ڪيا ويا آهن.
عورتن جي سڃاڻپ فاخرا، سعديا، ايمن، جويريا ۽ فائزا جي نالن سان ٿي آهي، جن خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.