ڪراچي (ويب ڊيسڪ) راڻيپور جي پيراڻي حويلي ۾ زيادتي بعد بيدردي سان قتل ٿيل فاطمه ڦرڙو واري ڪيس جو دائرو ڪراچي تائين وڌايو ويو آهي.
اسد شاهه جا ڊي اين اي نمونا تبديل ٿيڻ جو خدشو آهي، ڪراچي ۾ اسد شاهه جا هڪ ڀيرو ٻيهر ڊي اين اي نمونا ورتا ويندا.
پوليس ڪيس ۾ گرفتار پير اسد شاهه کي وڌيڪ جاچ لاءِ ڪراچي منتقل ڪري ڇڏيو آهي.
پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته حنا شاهه ۽ فياض شاهه جي گرفتاري ۽ ڪيس جي وڌيڪ جاچ لاءِ اسد شاهه کي ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي.
جوابدار اسد شاهه کي گهرو کاتي جي حڪم تي منتقل ڪيو ويو آهي، پوليس موجب جيڪو حڪم ٿيندو ان تي عمل ڪيو ويندو.