ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي 9.6 ملين رپين کان وڌيڪ ماليت جي نان ڪسٽم پيڊ ڊيزل جي سمگلنگ ناڪام بڻائي ڇڏي.
اولهه ضلعي ۾ ڪارروائي دوران ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، جن وٽان 31 هزار ليٽر ايراني ڊيزل برآمد ڪيو ويو.
نان ڪسٽم پيڊ ڊيزل جي ماليت پاڪستاني مارڪيٽ ۾ 96 لک 67 هزار 40 رپين تائين آهي.
جوابدارن ۾ قاسم ۽ ياسين شامل آهن، جن کي وڌيڪ جاچ لاءِ ڪسٽم اختيارين حوالي ڪيو ويو آهي.
You might also like