ميلاٽونين سان ننڊ ايندي، ڪهڙي غذا مان حاصل ڪجي

سولن لفظن ۾ ائين چئي سگھو ٿا ته ميلاٽون ننڊ جو هارمون آهي جيڪو جسماني نظام کي صحيح طرح سان هلائڻ لاءِ گھڻو ضروري آهي، ميلاٽونن هارمون پائنل غدود مان خارج ٿيندو آهي.

ميلاٽونن مٽر جي سائز جو غدود هوندو آهي جيڪو دماغ جي بلڪل وچ ۾ هوندو آهي، اهو اوهان جي جسم ۾ سمهڻ ۽ جاڳڻ جو مقت مقرر ڪندو آهي.

عام طور تي اوهان جو جسم رات جو وڌيڪ ميلاٽون بنائيندو آهي سج لهڻ کان پوءِ اها سطح عام طور تي شام ۾ وڌڻ شروع ٿي ويندي آهي. ميلاٽون سٺي ننڊ لاءِ گھڻو ضروري آهي، اهو سج جي روشني سان گڏ ڪم ڪندو آهي، جڏهن سج لهندو آهي ته گهڻو ميلاٽونن ٺهندو آهي ۽ جڏهن سج لهندو آهي ته اهو گھٽجي ويندو آهي.

محققن موجب غذا ۾ ميلاٽونن کي شامل ڪرڻ سان ننڊ بهتر ٿي سگھي ٿي، ان جا تمام گھٽ ثبوت آهن ته ميلاٽونن پراڻي بيخوابي جي خلاف اثرائتو آهي. پر جيڪڏهن اوهان جيٽ ليگ کي منهن ڏئي رهيا آهيو ته، ان سان اوهان کي ننڊ جي معمول تي واپس اچڻ ۾ مدد ملي سگھي ٿي. ان ڏس ۾ ميلاٽون سپليمنٽس به استعمال ڪري سگھجن ٿا پر قدرتي غذائن مان ان کي حاصل ڪرڻ گھڻو سولو هجڻ سان گڏ صحت بخش به آهي.

کٽي چيري

کٽي چيري جو جوس ننڊ ڏيارڻ لاءِ سڀ کان وڌيڪ مشهور غذا مان هڪ آهي، محققن موجب اهو جسم ۾ ميلاٽون جي سطه کي وڌائي ننڊ کي بهتر بڻائيندو آهي.

بيضا

بيضا ميلاٽونن جي بهترين ذريعن مان هڪ آهن، بيضا به غذائيت سان ڀرپور هوندا آهن، جيڪي ٻين ضروري غذائي جُزن کانسواءِ پروٽين ۽ آئرن به پيش ڪندا آهن.

کير

گرم کير بي خوابي جو روايتي علاج آهي، ان لاءِ ان ۾ ميلاٽون جو مقدار وڌيڪ هجڻ تعجب جي ڳالهه ناهي. جيڪڏهن اوهان ڊيري شين کي پسند ڪندا آهيو ته اهو هڪ سٺو آپشن ٿي سگھي ٿو.

مڇي

مڇي ٻئي گوشت جي ڀيٽ ۾ ميلاٽونن جو بهترين ذريعو آهي، ان ڏس ۾ اوميگا 3 فيٽي ايسڊ فراهم ڪندڙ مڇيون سٺي چونڊ آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.