لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي نگران حڪومت صوبي ۾ هٿيارن جو لائسنس جاري ڪرڻ تي لاڳو پابندي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
پابندي ختم ٿيڻ کانپوءِ پنجاب جو ڪو به شهري گهر ويٺي آن لائن هٿيار جي لائسنس لاءِ درخواست ڏئي سگهندو.
رپورٽ موجب قانون سازي جي معاملن بابت ڪابينا ڪميٽي طرفان هٿيار جو لائسنس جاري ڪرڻ تان پابندي ختم ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي پر ان حوالي سان حتمي فيصلو صوبائي ڪابينا جي منظوري کانپوءِ ٿيندو.
ڪابينا ڪميٽي طرفان آل پاڪستان ويپن لائسنس جي فيس به گهٽائي وئي آهي.
Prev Post
You might also like