ميسيسپي (ويب ڊيسڪ) آمريڪي رياست ميسيسپي جي تاريخ جو سڀ کان وڏو واڳون پڪڙيو ويو آهي جنهن کي چئن ماڻهن سڄي رات جدوجهد ڪرڻ کان پوءِ پڪڙي ورتو آهي. سندن ڪوشش ۾ واڳون مارجي ويو آهي.
ان واڳونءَ جو وزن 364 ڪلو ۽ ڊيگهه 14 فوٽ ٽي انچ آهي جيڪو ان کان اڳ پڪڙيل واڳون کان ٻه انچ وڌيڪ وڏو آهي. ان جي تصديق رياست جي وائلڊ لائف کاتي، فشريز ۽ پارڪس ڪئي آهي.
ڊونلڊ ووڊز، وِل ٿامس، جوءِ ڪلارڪ ۽ ٽينر وائٽ نالي همراهن ان کي پڪڙيو آهي. ان کي پڪڙڻ کان پوءِ مئل واڳونءَ کي فورڪ لفٽر سان کنيو ويو هو.
هڪ شڪاري، ڊونلڊ ووڊز ٻڌايو ته رات جي نائين وڳي اهو واڳون نظر آيو هو جنهن کي شڪار ڪرڻ جو ارادو ڪيو ويو. ستن ڪلاڪن لاڳيتو ڪوشش کان پوءِ ان کي ماريو ويو. ان دوران پڪڙڻ لاءِ جيڪي ڄار وڌا ويا هئا اهي ان ڪيترائي ڀيرا ٽوڙي ڇڏيا هئا.
واضح رهي ته اهو علائقو واڳن جي مشهور شڪار گاهه به آهي جتي سڄي آمريڪا کان ماڻهو ايندا آهن. هر سال اتي آگسٽ ۾ شڪار جو دور شروع ٿيندو آهي جيڪو 4 سيپٽمبر تي ختم ٿي ويندو آهي.
You might also like