لاهور (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ عمران خان جي وڪالت لاءِ سلمان رشدي جو وڪيل مقرر ڪرڻ جي الزامن جي ترديد ڪري ڇڏي.
تحريڪ انصاف موجب پارٽي ملڪ ۾ جاري بدترين رياستي جبر جي مذمت ڪري ٿي، هڪ پرڏيهي قانوني فرم جي حوالي سان گردش هيٺ گمراهه ڪندڙ اطلاعن ۾ ڪا صداقت ناهي، نه ئي اهڙن قدمن کي جيل ۾ قيد پي ٽي آءِ چيئرمين جي حمايت حاصل آهي.
پي ٽي آءِ طرفان چيو ويو آهي ته عمران خان خلاف ڪوڙا ڪيس قائم ڪري قانون ۽ انصاف جا بخيا اڊيڙيا ويا، ملڪ جي سڀ کان وڏي ۽ مقبول سياسي جماعت جو چيئرمين ۽ اڳوڻو وزيراعظم بدترين انتقام تحت جيل ۾ قيد آهي.
Prev Post
Next Post
You might also like