ٺٽو (ويب ڊيسڪ) ڪينجهر ڍنڍ ڀرسان مهاڻن جي وين ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا فوت ٿي ويا.
ڪينجهر ڍنڍ ڀرسان قومي شاهراهه تي مهاڻن کي کڻي ويندڙ وين سامهون ايندڙ ٽڪر سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا.
زخمين کي اسپتال نيو ويو، جتي وڌيڪ هڪ شخص زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو، جڏهن ته وين جي مالڪ ۽ هڪ ٻئي شخص کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي نيو پئي ويو ته ايمبولينس مهانگائي خلاف احتجاج سبب گهگهر ڦاٽڪ وٽ ڦاسي پئي ۽ دير سان پهچڻ سبب اهي ٻئي زخمي به فوت ٿي ويا.
You might also like