ٽوئيٽر تي آڊيو ۽ وڊيو ڪالز جو فيچر ڏيڻ جي تصديق ٿي وئي

ٽوئيٽر جي مالڪ ايلون مسڪ تصديق ڪئي آهي ته جلد ٽوئيٽر تي آڊيو ۽ وڊيو ڪالز جو فيچر پيش ڪيو ويندو.
ايلون مسڪ پنهنجي ننڍي ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو ته جلد ٽوئيٽر تي آڊيو ۽ وڊيو ڪالز جو فيچر پيش ڪيو ويندو.
هن لکيو ته هڪ ئي وقت ايپ سوڌو ويب ورجن تي به ڄاڻايل فيچر کي پيش ڪيو ويندو، يعني اينڊرائڊ ۽ آءِ او ايس واهپيدارن سميت ليپ ٽاپ ۽ ڪمپيوٽر تي ٽوئيٽر استعمال ڪندڙ ماڻهو به وڊيو ۽ آڊيو ڪالز ڪري سگھندا.
پر موبائل کانسواءِ ڪمپيوٽر ۽ ليپ ٽاپ استعمال ڪندڙ واهپيدارن کي ڄاڻايل فيچر استعمال ڪرڻ لاءِ هيڊ فون سوڌو ٻين اوزارن جي ضرورت پوندي.
ايلون مسڪ اها تصدي به ڪئي ته آڊيو ۽ وڊيو ڪالز جي فيچر لاءِ موبائل فون نمبر جي ضرورت نه پوندي، يعني ڄاڻايل فيچر بلڪل فيسبڪ ميسينجر جي آڊيو ۽ وڊيو ڪال فيچر جيان ڪم ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.