ڇا توهان کي خبر آهي ته دوستيءَ جون 12 منزلون آهن ۽ ڪي ماڻهو ڪنهن منزل ۽ ڪي ڪنهن منزل تي آهن.
دوستي جي هر هڪ منزل لاءِ عربي ٻولي جوهڪ مخصوص لفظ به آهي.
صديق کان خليل تائين اهي قيمتي نالا هڪ شخص ۾ دوستي جون 12 منزلون بيان ڪن ٿا.
هتي اسان اوهان کي دوستي جون 12 منزلون ٻڌائينداسين.
صديق: (هڪ سچو دوست)
هڪ سچو دوست، اهو شخص جيڪو بنا ڪنهن مقصد لاءِ اوهان جو دوست آهي. صديق لفظ جي معنيٰ آهي سچ،
تنهن ڪري ايمانداري ۽ وفاداري دوستي جا بنياد آهن.
انيس:
اهو شخص جنهن سان توهان آرامده ۽ پنهنجائپ محسوس ڪندا آهيو.
زميل:
ڪو اهڙو جنهن سان اوهان جي سٺي واقفيت هجي.
جليس:
اهو شخص جنهن سان اوهان سڪون سان ڪجهه وقت ويهي گذاريو.
سمير:
هن شخص سان اوهان جي سٺي ڳالهه ٻولهه هوندي آهي.
صاحب:
اهو شخص جيڪو اوهان جي صحت ۽ ڀلائي لاءِ فڪرمند رهندو هجي.
رفيق:
اهو شخص جنهن تي توهان ڀروسو ڪري سگهو.
خليل:
هڪ پيارو دوست، جنهن جي موجودگي ۾ اوهان کي خوشي محسوس ٿئي.
نجي:
اعماد ڪندڙ: اهو ماڻهو جنهن تي توهان جو پڪو اعتماد هجي.
نديم: (پيئڻ جو ساٿي) رڳو چانهه.
جنهن اوهان ڪڏهن به واندڪائي ۾ پاڻ وٽ گهرائي سگهو.
صفي: (بهترين دوست)
اهو شخص جنهن کي اوهان ٻين مان چونڊيو.
قرين:
جيڪو توهان کان ڌار نه ٿي سگهي.
مٿي ڏنل سمورا لفظ عربي ٻولي جا آهن ۽ انهن جون وضاحتون گڏ لکيون ويون آهن.
عربي ٻولي جا اهي سمورا لفظ دوستن سان لاڳاپيل آهن.
انهن کي دوستن جون 12 منزلون چئي سگهجي ٿو.