ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا ڪريتي سينن بابت انڪشاف ٿيو آهي ته هو اداڪار چنڪي پانڊي جي مائٽياڻي آهي.
بالي ووڊ جي خوبصورت اداڪارا ڪريتي سينن بابت چيو ويندو آهي ته هن جي ڪنهن به ويجهي دوست يا مائٽ جو بالي ووڊ سان ڪو به واسطو ناهي پر مداحن جو اهو خيال غلط ثابت ٿي ويو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب ڪريتي سينن ڀارتي فلم انڊسٽري جي مشهور اداڪار چنڪي پانڊي جي ڌيءَ ۽ اڀرندڙ اداڪارا اننيا پانڊي جي ڪزن آهي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪريتي سينن جو پيءُ ۽ اننيا پانڊي جي ماءُ پاڻ ۾ مائٽياڻيون آهن.
ان ڪري ڪريتي سينن ۽ اننيا پانڊي جي جا مائٽ هڪ ٻئي کي سوشل ميڊيا تي به فالو ڪندا آهن ۽ ٻنهي اداڪارائن جي ڪم تي تبصرا ڪندي نظر ايندا آهن.
ڪيريتي سينن 2014ع ۾ فلم ”هيرو پنتي“ ذريعي پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي هئي.