هي خاندان مرڻ گھڙي تائين چئن پيرن تي ڇو گھمندو؟

وقت سان گڏوگڏ انساني روين ۾ گھڻي تبديلي اچي چڪي آهي پر اڃا بگه ڪجه اهڙيون غير معمولي شيون ٿين ٿيون جيڪي ماڻهن جو ڌيان ڇڪي وٺن ٿيون، چئني هٿن پيرن تي گھمندڙ ترڪيه جي خاندار جون تصويرون انٽرنيٽ تي وائرل ٿي رهيون آهن جن ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيو آهي.
ترڪيه ۾ هڪ خاندان سائنسدانن کي به پريشان ڪري ڇڏيو آهي، اهو خاندان پنهنجي چئني هٿن ۽ پيرن تي گھمي ٿو، بالغ ٿيڻ بعد ڪنهن به فرد جو اهو عمل سائنسدانن لاءِ گھڻو حيران ڪندڙ آهي.
اهي خاص حرڪتون رکندڙ ماڻهو پهريان به ماڻهن جو ڌيان حاصل ڪري چڪا آهن، 2006ع ۾، بي بي سي ان حوالي سان هڪ دستاويزي فلم بڻائي هئي جنهن جو نالو دي فيملي ديٽ واڪس آن ال فور هو، ان غير معمولي رويي کي رڪارڊ ڪرڻ ۽ ان جي نمائش ڪندڙ اها پهرين فلم هئي.
تازو ئي سائنسدانن ان رويي تي هڪ تحقيقي مقالو لکيو آهي، جنهن کان پوءِ ٻيهر اهو خاندان ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو آهي.
بي بي سي موجب پروفيسر همفري جو چوڻ هو ته آئون ڪڏهن سوچيو ئي نه هو ته هن جديد دور ۾ انسان جانورن جهڙو ورتاءُ ڪندي ڇوپايو بڻجي ويندو.
ان کي نظر ۾ رکندي ليورپول يونيورسٽي طرفان ٿيل تحقيق ۾ ٻارن تي ڌيان ڏنو ويو آهي، جن ۾ ان قسم جي ڍانچي جي خاصيتن کي ظاهر ڪيو ويو آهي جيڪي انسانن بدران ڀولن سان وڌيڪ مشابهت رکن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.