پاڪ-ڀارت دنگل کان اڳ افتخار احمد مداحن کي وڏي اپيل ڪري ڇڏي

ڪينڊي ( ويب ڊيسڪ ) ايشيا ڪپ جي افتتاحي ميچ ۾ سينچري اسڪور ڪندڙ قومي ٽيم جي مڊل آرڊر بيٽر افتخار احمد سوشل ميڊيا تي مداحن کي اپيل ڪري ڇڏي.

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي مڊل آرڊر بيٽر افتخار احمد جيڪو پنهنجي جارحاڻي بيٽنگ لاءِ ڄاتو ويندو آهي، ايشيا ڪپ ۾ پاڪ-ڀارت ٽاڪري کان اڳ سوشل ميڊيا تي مداحن کي هڪ اپيل ڪئي آهي.

افتخار پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اوهان جي دعائن سان پهرين ميچ ۾ ٽيم ۽ مون پرفارم ڪيو.

هن وڌيڪ چيو ته ايونٽ ۾ پاڪستان جو ڀارت خلاف وڏو مقابلو آهي، قومي ٽيم جي ڪاميابي لاءِ دعا ڪيو، هي ايشيا ڪپ اسان کيٽينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.