پيٽرول جو اصل اگهه ڪيترو آهي ۽ ٽيڪس ڪيترو آهي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ پيٽرول جي اگهه ۾ پهرين سيپٽمبر کان واڌ ڪرڻ کانپوءِ پيٽرول 300 رپين کان مهانگو ٿي ويو آهي ۽ هن وقت 305.36 رپين جو ملي رهيو آهي.

هاءِ اسپيڊ ڊيزل 311.84 رپيا في ليٽر ملي رهيو آهي.

عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽرول جي اگهن ۾ ڪا خاص واڌ ناهي ٿي پر پاڪستان ۾ آءِ ايم ايف جي شرطن جي ڪري واڌو ٽيڪس وڌا ويا آهن.

گڏ ڪيل ڄاڻ موجب پاڪستان ۾ پيٽرول جو اگهه بنا ٽيڪس جي 181.70 رپيا ٿئي ٿو.

تنهن جي معنيٰ اها ٿي ته حڪومت 123.66 رپيا في ليٽر تي ٽيڪس وٺي رهي آهي.

ٽيڪس ۾ فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي، پيٽروليم ليوي ۽ جنرل سيلز ٽيڪس به شامل آهن جڏهن ته ٻيا به ٽيڪس آهن جن کانپوءِ پيٽرول جو اگهه 305.36 رپين تي پهچي وڃي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.