” پاڪستان جي هن رانديگر کان بچجو“ گنگولي ڀارتي ٽيم کي خبردار ڪري ڇڏيو

اڳوڻي ڀارتي ڪپتان سارو گنگولي اعتراف ڪيو آهي ته بابر اعظم ايشياڪپ ۽ ورلڊ ڪپ ۾ ڀارتي ٽيم لاءِ پريشاني جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ سارو گنگولي بابر اعظم کي ڀارتي ٽيم لاءِ اصل چئلينج قرار ڏنوآهي.

هن چيو ته ايشيا ڪپ ۽ عالمي ڪپ ۾ ڀارتي بالرن لاءِ پاڪستاني ڪپتان مسئلا کڙا ڪري سگهي ٿو.

گنگولي چيو ته بابر اعظم هڪ سٺو رانديگر آهي جنهن ۾ ڪو شڪ ناهي پر اسان جي بالنگ اٽيڪ ۾ بمرا، شامي ۽ محمد سراج جهڙا بالر موجود آهن جيڪي مٿس اٽيڪ ڪري سگهن ٿا.

هن پاڪستاني بالنگ اٽيڪ تي ڳالهائيندي اعتراف ڪيو ته شاهين آفريدي، نسيم شاهه ۽ حارث رئوف جي موجودگي ۾ پاڪستان جو مضبوط بالنگ اٽيڪ آهي ۽ انهن خلاف ڀارتي بيٽرن کي هوشيار رهڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.