پاڪ-ڀارت ٽاڪرو، بابر اعظم ڇا رٿيو آهي؟

ڪينڊي ( ويب ڊيسڪ ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته ڀارت خلاف اهم ميچ ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

ڪينڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بابر اعظم چيو ته ٽيم ۾ رانديگر هڪٻئي کي سمجهن ٿا، اسان ڊگهي عرصي کان گڏ کيڏي رهيا آهيون.

هن چيو ته ڪجهه رانديگرن کي لنڪا پريميئر ليگ کيڏڻ جو به موقعو مليو، دٻاءُ ناهي، جيڪو مومينٽم آهي ان کي برقرار رکنداسين.

بابر اعظم وڌيڪ چيو ته پاڪ-ڀارت هاءِ وولٽيج مقابلو هوندو آهي، سموري دنيا ان ميچ جو انتظار ڪندي آهي، اميد آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ زبردست مقابلو ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.