مولا بخش چانڊيو جي اعتزاز احسن تي ڇتي تنقيد

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جي صدارت هيٺ سينٽرل ايگزيڪٽيو ڪميونٽي ( سي اي سي ) اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي.

ذريعن موجب، اجلاس دوران ڪجهه اڳواڻن احتساب ادارن کي ڇنڊڇاڻ تي قيادت سان خدشن جو اظهار ڪيو، ان تي بلاول ڀٽو چيو ته مايوسي نه پکيڙيو، چونڊون ڪرائڻ ۽ حڪومت ٺاهڻ منهنجو ڪم آهي.

ذريعن موجب  سي اي سي اجلاس ۾ سينيئر اڳواڻ مولابخش چانڊئي اعتزاز احسن تي ڇتي تنقيد ڪئي، هن چيو ته اعزاز احسن پارٽي پاليسي جي ڀڃڪڙي ڪندو آهي، هو پي ٽي آءِ چيئرمين جو سپورٽر آهي.

ان تي اعتزاز احسن چيو ته سدائين پارٽي سان گڏ رهيو آهيان پر ڪجهه معاملن تي اختلاف ٿي سگهن ٿا، جنهن تي پ پ چيئرمين مون کي ڪو اعتراض ناهي چئي معاملو ختم ڪري ڇڏيو.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جڏهن مون کي ڪا شڪايت ناهي ته ڪنهن ٻئي کي به هئڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.