لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ ن ليگ جي صدر شهباز شرريف ن ليگ قائد نواز شريف جي وطن واپسي جو اعلان ڪري ڇڏيو.
نواز شريف جي ڏيهه واپسي جي حوالي سان ن ليگ جو لنڊن ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ شهباز شريف ۽ اسحاق ڊار سميت ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيا جڏهن ته مريم نواز وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.
اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف تصديق ڪئي ته نواز شريف آڪٽوبر ۾ ڏيهه واپس اچي رهيو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته نواز شريف جي ڏيهه واپسي تي حتمي تاريخ جو اعلان جلد ڪيو ويندو.