دنيا جي نمبر ون بيٽر جو ڀارت خلاف رڪارڊ ڄاڻو ٿا؟

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ون ڊي فارميٽ ۾ دنيا جو بهترين بيٽر آهي ۽ هن وقت  آءِ سي سي جي هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ رينڪنگ ۾ نمبر ون پوزيشن تي موجود آهي.

هن تازو نيپال خلاف سينچري اسڪور ڪري سڀ کان گهٽ اننگز ۾ 19 سينچريون اسڪور ڪري هاشم آملا جو رڪارڊ به ٽوڙيو آهي.

بابر اعظم 102 اننگز ۾ اڻويهه سنيچريون اسڪور ڪري چڪو آهي، ان کانسواءِ پاڪستاني ڪپتان هڪ ڏينهن واري فارميٽ ۾ 59 ڏهائي 47 جي ايوريج سان پنج هزار ٽي سئو ٽيونجاهه رنسون ٺاهيون آهن.

بابر اعظم ڀارت خلاف ون ڊي فارميٽ ۾ اڃا تائين متاثر ڪندڙ ڪارڪردگي ناهي ڏيکاري سگهيو، هو هينئر تائين ڀارت خلاف پنج ميچون کيڏي چڪو آهي ۽ 31 ڏهائي 60 جي ايوريج سان 158 رنسون ٺاهي سگهيو آهي.

بابر اعظم جو ون ڊي فارميٽ ۾ ڀارت خلاف سڀ کان بهترين اسڪور 48 رنسون آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.