بيروزگاري جو طوفان، حڪومت 700 ملازمن کي نيڪالي ڏئي ڇڏي

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) مهانگائي کانپوءِ بي روزگاري جو طوفان به اچي رهيو آهي، واسا فيصل آباد مالي بحران جي ڪري 700 ملازمن کي نوڪري مان ڪڍي ڇڏيو آهي.

اهي ملازم ڏهاڙي تي ڪندا هئا، واسا پاران کين نيڪالي ڏيڻ بعد سندن گهرن جون چلهيون بند ٿي ويون آهن.

سندن برطرفي جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.

ڊائريڪٽر ايڊمن جو چوڻ آهي ته واسا خرچ برداشت نٿو ڪري سگهي، ڏهاڙي تي ملازمن کي وڌيڪ نٿا رکي سگهون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.