ڪمپني پاڪستان ۾ موٽرسائيڪلون ٺاهڻ بند ڪري ڇڏيون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪ سوزوڪي اوزارن ۽ پرسن جي کوٽ جي ڪري موٽرسائيڪل جو پلانٽ عارضي طور تي بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

پاڪ سوزوڪي طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته موٽرسائيڪل پلانٽ پهرين کان 12هين سيپٽمبر تائين بند رهندو.

پڌرائي موجب رڳو موٽرسائيڪل پلانٽ کي ڪجهه ڏينهن لاءِ بند رکيو ويندو جڏهن ته آٽو موبائيل پلانٽ ان دوران آپريشنل رهندو.

سوزوڪي ڪمپني ڪارون،موٽرسائيڪلون، ننڍيون ٽرڪون ۽ اڻ ڳڻيون شيون ٺاهيندي آهي.

ننڍيون ڪارون ٺاهڻ ۾ هي دنيا جي سڀ کان اڳڀري ڪمپني آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.