ايشيا ڪپ جو مها دنگل، ڀارتي ڪپتان پاڪستان لاءِ خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي

ڪينڊي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان روهت شرما پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم خلاف کيڏڻ چئلينج قرار ڏئي ڇڏيو.

ڪينڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي روهت شرما چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم سٺي ڪرڪيٽ کيڏي رهي آهي ۽ اهڙي ٽيم خلاف کيڏڻ اسان لاءِ هڪ چئلينج آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ ڀارتي ڪپتان چيو ته شاهين، حارث ۽ نسيم ڪوالٽي بالرز ۽ سٺو پرفارم ڪري رهيا آهن، هو ڪجهه سالن کان گڏ کيڏي رهيا آهن، پاڪستان سدائين ڪوالٽي بالرز پيدا ڪيا آهن.

هن چيو ته مان پنهنجي تجربي کي استعمال ڪرڻ ۽ ٽيم لاءِ سٺو پرفارم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس.

روهت شرما جو چوڻ هو ته اسان سڀني جي اِها ڪوشش هوندي آهي ته ٽيم کي سُٺي پوزيشن تي رکون.

سندس چوڻ هو ته سال ڏيڍ کان پاڻ کي آرام ڏئي کيڏي رهيو آهيان، هاڻي ماضيءَ وانگر کيڏڻ جي ڪوشش ڪندس.

ياد رهي ته ايشيا ڪپ جو سڀ کان وڏو ٽاڪرو پاڪ-ڀارت وچ ۾ سڀاڻي سريلنڪا جي شهر ڪينڊي جي ميدان پاليڪيلي ۾ کيڏيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.