رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۾ گھٽ پگھار وصول ڪندڙن لاءِ خوشي جي خبر سامهون اچي وئي، قومي رهائشي ڪمپني 7 هزار ريال کان گھٽ پگھار کڻندڙن لاءِ ماهوار بنيادن تي سولين قسطن تي گھر پروگرام شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب سعودي عرب ۾ قومي رهائشي ڪمپني چيو آهي ته اهي سعودي شهري جن جي پگهار ست هزار ريالن کان وڌيڪ ناهي انهن لاءِ ماهوار قسطن تي گھر فراهم ڪيا ويندا، قسط جي شروعات 850 ريال کان ٿيندي. وصولي جي شروعات گھر حوالي ڪرڻ تي ڪئي ويند.ي
قومي ڪمپني موجب پهرين مرحلي ۾ ملڪ جي مختلف علائقن ۾ 12 پروجيڪٽ لاڳو ڪيا ويندا، مستقل بنيادن تي پروجيڪٽ اپ ڊيٽ ٿيندا، سولين قسطن تي گھر جي فراهمي جو پروگرام سبسڊي وارو آهي.
قومي ڪمپني موجب ڄاڻايل پروگرام ذريعي شهرين کي گھرن جو مالڪ بڻائڻ چاهيون ٿا.
سعودي حڪومت طرفان ويزن 2030ع جي هدفن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ مرحليوار بنيادن تي بهترين منصوبن جو اعلان ڪيو پيو وڃي.
Prev Post
You might also like