ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي ڊالر جي لڳاتار وڌندڙ قيمت کي ٽن هفتن کانپوءِ اڄ انٽر بئنڪ ۾ بريڪ لڳي وئي، پر اوپن مارڪيٽ ۾ اِهو سلسلو جاري آهي ۽ ڊالر جي قيمت نئين بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي.
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب، ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن انٽر بئنڪ ۾ ڊالر ست رُپيا سستو ٿي 305.47 رُپين تي بند ٿيو.
Interbank closing #ExchangeRate for todayhttps://t.co/fzRDGzwWP5#SBPExchangeRate pic.twitter.com/nDnCTwLYD4
— SBP (@StateBank_Pak) September 1, 2023
ٻئي پاسي ڪرنسي ڊيلرز موجب، اوپن مارڪيٽ ۾ اڄ به ڊالر جي قيمت ۾ واڌ جو سلسلو جاري رهيو ۽ ڊالر وڌيڪ ٽي رُپيا مهانگو ٿيو، اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 328 رُپين جي تاريخي سطح تي وڃي پهتو.