پيپر ڊسپلي واري دنيا جي پهرين فون متعارف، بهترين ڳالهه ڪهڙي اٿس؟

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چيني ڪمپني ٽي سي ايل غير روايتي سمارٽ فون ۽ ٽيبليٽ بڻائڻ ۾ سدائين اڳڀري رهي آهي ۽ هاڻ ان نئين پيپر ڊسپلي ٽيڪنالوجي جي تحت سمارٽ فون پيش ڪئي آهي جيڪا اکين جي نور کي متاثر ڪندر نيري روشني خارج نٿي ڪري.
ان ٽيڪنالوجي کي اين ايڪس ٽي پيپر جو نالو ڏنو ويو آهي جيڪا عام سمارٽ فون جيان سمورن رنگن کي سٺي طرح ڏيکاري ٿي جنهن کي برقي ڪاغذ به چئي سگھجي ٿو. ٽي سي ايل ڪيتري ئي عرصي کان پيپر ٽيڪنالوجي تي ڪم ڪري رهي آهي ۽ وڌيڪ بهتر ڊسپلي سان هاڻ ٻه نوان سمارٽ فون پيش ڪيا آهن.
ٽي سال اڳ ڪمپني 8 انچن جو ٽيبليت پيش ڪيو هو جنهن مان بلو لائٽ جو اخراج نه هجڻ جي برابر هو. هڪ پاسي ته اها اکين ۾ تڪليف يا طبي نقصان جو سبب نٿي بڻجي ٻي پاسي ان ۾ سڀ رنگ آرام سان ڏسي سگھجن ٿا. اهڙيءَ طرح انهن رنگن کي ڏسڻ سان ڪنهن به اي اِنڪ ٽيڪنالوجي سان ممڪن ئي نه هو.
ٽي سي ايل جا انجينيئرز ٻڌائين ٿا ته هنن ايل اي ڊي مان نيري روشني جي خارج ٿيڻ کي ڪجهه اهڙيءَ طرح تبديل ڪيو آهي جو اها ڪنهن به طرح اکين جي نور کي متاثر نٿي ڪري. اندازو آهي ته ان مان 61 سيڪڙو تائين نيري روشني گھٽ خارج ٿئي ٿي ۽ اسڪرين جي معيار تي ڪو به فرق نٿو پوي.
سمارٽ فون جي ٻين تفصيلن موجب اين ايڪس ٽي پيپر واري ان فون ۾ 6.6 انچ اسڪرين، 8 ايم پي سيلفي ڪيمرا، 720 x 1,612 ريزولوشن ڊسپلي، 6 جي بي ريم، اوڪٽا ڪور پروسيسر، 256 جي بي اسٽوريج ۽ بلوٽوٿ ۽ واءِ فاءِ جا جديد اسٽينڊرڊ شامل آهن. ٻيو ماڊل ان کان ڪجهه بهتر آهي ۽ ان ۾ وڏي ڊسپلي لڳل آهي.
اميد آهي ته ان کي آڪٽوبر مهيني ۾ رليز ڪيو ويندو ۽ قيمت لڳ ڀڳ 315 ڊالرز تائين هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.