اهم خبر، مُلڪ ۾ کنڊ جي کوٽ پٺيان ڪهڙا سبب آهن؟

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت جو چوڻ آهي ته مُلڪ ۾ کنڊ جي ڪائي کوٽ نه آهي، اِها کوٽ هٿرادو آهي جيڪا منافعي خورن، ذخيرا اندوزي ڪرڻ وارن ۽ اسمگلرن جي پيدا ڪيل آهي.

فوڊ سيڪيورٽي وزارت طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مُلڪ ۾ ٻن مهينن لاءِ کنڊ جا ذخيرا وڏي مقدار ۾ موجود آهن، ٽريڊنگ ڪارپوريشن کنڊ جي درآمد ڪرڻ جي ڪا درخواست ناهي ڪئي.

فوڊ سيڪيورٽي وزارت کنڊ درآمد ڪرڻ وارن خبرن جي ترديد ڪندي چيو ته فلحال کنڊ درآمد ڪرڻ جي ڪائي تجويز غور هيٺ نه آهي.

پڌرائي موجب، ڪرشنگ سيزن 15 نومبر کان شروع ٿيندي، هن وقت مُلڪ ۾ هڪ ڏهائي ٻياسي ٽن کنڊ جا ذخيرا موجود آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.