دنيا جو اهو علائقو جتي گاڏين تي پابندي آهي!

ايٿنز (ويب ڊيسڪ) يونان جو هڪ خوبصورت ٻيٽ ”هائيڊرا“ آهي جتي فائر برگيڊ ۽ ايمبولنس کي ڇڏي عام گاڏين تي مڪمل پابندي لڳائي وئي آهي.
ڀرپاسي ۾ نيرو پاڻي، صاف سٿريون اڇون گھٽيون ۽ روڊ ۽ خوشبودار گل اتان جو حسن آهن. پر ڪارن جي ڪري اتي گوڙ ٿي رهيو هو ۽ گدلاڻ سبب شهر جو حس متاثر ٿي رهيو هو. پر هاڻ اتي گهوڙن جي کُرن جو آواز ايندو آهي.
هائيڊرا ۾ ڪارن تي مڪمل پابندي لاڳو آهي جنهن کي قانوني حيثي ڏني وئي آهي. 2500 ماڻهو ان ٻيٽ جي ساموندي رستي تي پهچندا آهن ۽ هنڌ هنڌ تي گھوڙا، گڏهه ۽ خچر نظر اچن ٿا جيڪي اوهان کي منزل تائين پهچائين ٿا. اتان جا ماڻهو به پنهنجي ڪاروبار تي انهيءَ سواري جي تي ويندا آهن.
ٻيٽ تي پٿرن مان ٺهيل روايتي گھر سهڻو منظر پيش ڪن ٿا. سياحن موجب اهو هڪ اهڙو هنڌ آهي جيڪو اوهان کي وقت کان آزاد ڪري ماضي ۾ وٺي وڃي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.