ڪينڊي ( ويب ڊيسڪ) ايشيا ڪپ ۾پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ميچ کان اڳ ويرات ڪوهلي وڏو بيان ڏئي ڇڏيو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڀلوڙ بيٽر ويرات ڪوهلي چيو ته مون کي لڳي ٿو ته پاڪستان ٽيم جي طاقت ان جي بالنگ آهي.
هن چيو ته پاڪستان وٽ واقعي ڪجهه بهترين بالر آهن جيڪي پنهنجي مهارت ۽ ڏانوَ سان ڪنهن به وقت راند جو رخ تبديل ڪري سگهن ٿا تنهنڪري انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ سخت محنت ڪرڻي پوندي.
ويرات ڪوهلي چيو ته هو رڳو اِهو سمجهندو آهي ته پنهنجي راند ۾ وڌيڪ نکار ڪيئن پيدا ڪجي.
سندس چوڻ هو ته روز، هر پريڪٽس سيشن، هر سال ۽ هر سيزن ۾ ۾ سخت محنت واري عمل منهنجي ڊگهي عرصي تائين سٺي کيڏڻ ۽ مُلڪ لاءِ پرفارم ڪرڻ ۾ مدد ڪئي.