بيروت (ويب ڊيسڪ) لبنان ۾ هر هر جنسي زيادتي سبب فوت ٿي ويل 6 ورهين جي ٻارڙي کي هوس جو نشانو بڻائيندڙ ڪو ٻيو نه پر سندس ماموآهي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب 6 ورهين جي لين طالب کي ان وقت جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو هو جڏهن هو اسڪول جي موڪلن دوران نانِي جي گھر وئي هئي.
وڏو ظلم ته اهو آهي جو ٻارڙي جي ناني نانِي ۽ ماءُ سڀ ڪجهه ڄانيندي به ٻارڙي کي خاموشي سان دفنائي ڇڏيو.
ان معاملي جي خبر پوليس کي پئجي وئي. جاچ دوران شڪ وڌيڪ گھرو ٿيڻ تي واقعي جي ٻن مهينن بعد قبر ڪشائي ڪئي وئي ۽ لاش جي فرانزڪ رپورٽ ۾ جنسي زيادتي جي تصديق ٿي وئي جڏهن ته ڊي اين اي سان جوابدار جي به خبر پئجي وئي.
اها خبر ميڊيا ۾ اچڻ کان پوءِ جوابدار کي موت جي سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو پيووڃي جڏهن ته ناني نانِي ۽ ماءُ کي به ڏوهه لڪائڻ ۽ جوابدار جي مدد ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪرڻ جو امڪان آهي.