صدر قومي اقتصادي ڪائونسل جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )  صدر ڊاڪٽر عارف علوي قومي اقتصادي ڪائونسل جوڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

قومي اقتصادي ڪائونسل ۾ وزيرِ اعظم ۽ چئني صوبن جا وڏا وزير جڏهن ته چئني صوبن مان نگران حڪومت جا نمائندا به ڪائونسل ۾ شامل آهن.

پنجاب مان نگران توانائي ۽ انڊسٽري، ڪامرس، سيڙپڪاري وارو وزير ايس ايم تنوير، سنڌ مان ناڻي، محصولات، رٿابندي ۽ ترقي وارو وزير محمد يونس ڊاگها کي قومي اقتصادي ڪائونسل ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

ڪي پي مان نگران صوبائي وزير احمد رسول بنگش ۽ بلوچستان مان امجد رشيد کي به قومي اقتصادي ڪائونسل جو حصو بڻايو ويو آهي.

وفاق مان ناڻي، محوصلات، اقتصادي ۽ نجڪاري واري وزير کي به ڪائونسل جي رڪنيت ڏني وئي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.