مشهور اداڪارا جو لاش هٿ

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ هڪ ٻي اداڪارا جو لاش هٿ آيو آهي.

مليالم اداڪارا اپرنا نائر جو الش سندس گهر مان مليو، پوليس جو چوڻ آهي ته اداڪارا جو لاش سندس ڪمري ۾ پکي ۾ لٽڪيل هو.

اداڪارا اپرنا بابت اطلاع مقامي اسپتال جي انتظاميا ڏنو جن کي لاش پهچايو ويو هو.

ان حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته اپرنا نائر جي مبينا خودڪشي گهريلو مسئلن سبب ٿي سگهي ٿي.

پوليس اداڪارا جي موت جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.