بيجنگ (ويب ڊيسڪ) تيزي سان ترقي ڪندڙ چين ۾ ماڻهو جلد پنهنجين سوارين مان بيزار ٿي انهن کي ڪٻاڙ ۾ کپائي رهيا آهن ۽ ائين گاڏين جو ڍير لڳندو پيو وڃي. هينگ زو شهر جي ڳوٺ ۾ هن وقت لکين سواريون پيل آهن جنهن کي دنيا ۾ ڇڏيل سوارين جو سڀ کان وڏو قبرستان به چيو ويندو آهي.
انگن اکرن موجب 2019ع ۾ چين ۾ ننڍين وڏين گاڏين جو انگ 26 ڪروڙ تائين هئي. انهن مان هاڻ 19 لک ڪنهن جي به استعمال ۾ ناهن. اهي گاڏين مختلف هنڌن تي رکيون وينديون آهن جتي اهي ڪٻاڙ ۾ تبديل ٿيوينديون آهن. ڪارن جو اهڙو ئي هڪ قبرستان هاڻ هينگ زو ۾ به موجود آهي جيڪو چيني صوبي زيجيانگ جو هڪ وڏو شهر آهي.
هينگ زو ۾ هن وقت ننڍين وڏين ڪارن جو انگ هڪ لک کان وڌيڪ آهي جتي هڪ مٿان ٻي گاڏين جو جبل ٺهي ويو آهي. گھڻيون استعمال ٿيل ۽ دونهون ڇڏيندڙ هزارين گاڏين کي هر سال روڊ تان هٽائي اتي آندو ويندو آهي. چيني پاليسين تحت گدلاڻي پکڙيندڙ گاڏين تي سخت پابندي لڳل آهي.
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ان قبرستان ۾ برقي گاڏيون ۽ موٽرسائڪلون به موجود آهن. چيني پاليسين تحت گھڻيون ڪمپنيون برقي ڪارون ۽ سواريون تيار ڪري رهيون آهن. جيڪي پراڻيون ٿي اتي پهچي رهيون آهن.
اتي وڏي ڪيپن جهڙيون گاڏيون، ايس يو وي، برقي ۽ موٽر اسڪوٽر ۽ ٻين سواريون آهن جن تي ڦِڪو اسٽيڪر لڳل آهي جيڪو انهن جي پراڻي هجڻ جي تصديق ڪري ٿو.
پر انهن ڪارن کي هاڻ ري سائڪل ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڇي.
You might also like