واٽس ايپ ۾ وڏي تبديلي، ڊزائين تبديل ٿي ويندي

واٽس ايپ طرفان هانوڪن مهينن دوران ڪيترائي نوان فيچرز متعارف ڪرايا ويا آهن.

هاڻ واٽس ايپ جي ڊزائين کي به مڪمل طور تي تبديل ڪيو پيو وڃي.
رپورٽ موجب اينڊرائڊ فونز لاءِ واٽس ايپ جي بيٽا ورجن ۾ ايپ جي نئين ڊزائين جاري ڪئي وئي آهي.
واٽس ايپ جي نئين يوزر انٽرفيس ۾ ٽاپ بار کي مڪمل طور تي اڇو ڪيو پيو وڃي يعني سائو رنگ غائب ٿيڻ وارو آهي.
پر چيٽ ۽ ٻين لوگوز جو رنگ سائو ٿي ويندو.

نیا ڈیزائن اس طرح کا ہوگا / فوٹو بشکریہ WABetaInfo
ان يوزر انٽرفيس ۾ واٽس ايپ لوگو لاءِ نئون فونٽ به استعمال ڪيو ويو آهي.
ان ڊزائين ۾ به نيوي گيشن بار کي هيٺ ئي رکيو ويو آهي جيڪو چيٽس، اسٽيٽس، ڪميونٽيز ۽ ڪالز ٽيبز تي ٻڌل آهي.
ان نئين ڊزائين ۾ چيٽ فلٽرز جو به اضافو ڪيو پيو وڃي ۽ اوهان آل، unread، پرسنل يا بزنس ميسيجز جهڙوڪ فلٽرز کي استعمال ڪري سگھندا.
واٽس ايپ جي ان نئين ڊزائين تي اڃا ڪم جاري آهي ۽ اها بيٽا ورجن ۾ محدود واهپيدارن کي دستياب آهي.
ان ڪري اهو چوڻ ڏکيو آهي ته ڪيستائين واٽس ايپ جي سڀني واهپيدارن لاءِ ان نئين ڊزائين کي متعارف ڪرايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.