ڪراچي ۾ اکيون اٿڻ جي بيماري پکڙجڻ لڳي، بچجي ڪيئن؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ اکيون اُٿڻ جي مرض ۾ تيزيءَ سان واڌ ٿيڻ لڳي.

ان حوالي سان سول اسپتال ۾ اکين جي مرضن واري شعبي جي سربراهه پروفيسر مظهر الحق ٻڌايو ته ڪراچي ۾ اکيون اٿڻ جي مرض ۾ تيزيءَ سان واڌ ٿي رهي آهي.

هن چيو ته ڪراچي جي مختلف ضلعن ۾ هر عمر جو ماڻهو اکين جي بيماري جو شڪار ٿي رهيو آهي، اکين جي اها بيماري هڪ کان ٻئي ماڻهو ۾ پکڙجي ٿي.

ڊاڪٽر مظهر الحق بيماري جون علامتون ٻڌائيندي چيو ته ان جي علامتن ۾ اکين مان پاڻي وهڻ، ڳاڙهيون ٿيڻ ۽ خارش ٿيڻ شامل آهي، جڏهن ته چشمو لڳائڻ سان مرض جي پکيڙ ۾ فرق نه پوندو.

هن احتياطي اپاءَ ٻڌائيندي چيو ته اکين مان وهندڙ پاڻي کي چڱي طرح صاف ڪيو وڃي، متاثر شخص ٽيشو يا صاف ۽ نرم ڪپڙي سان اکين کي صاف ڪري، جڏهن ته اهو پنهنجو ٽوال، صابڻ ۽ وِهاڻو ڌار رکي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.