پيٽرول کان پوءِ ايل پي جي جي قيمت ۾ به ڳاٽي ٽوڙ واڌ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي (اوگرا) تيل جي اگھن ۾ اضافي کان پوءِ ايل پي جي جي قيمتن ۾ به اضافو ڪري ڇڏيو.

قيمن ۾ واڌ کان پوءِ في ڪلو ايل پي جي 38 رپيا 97 پيسا مهانگي ٿي وئي، اوگرا ايل پي جي جي قيمت ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.

قيمتن ۾ واڌ موجب في ڪلو ايل پي جي جي نئين قيمت 240 رپيا 12 پيسا مقرر ڪئي وئي آهي جڏهن ته قيمتن ۾ واڌ فوري طور تي لاڳو ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.