ملتان ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف ڏکڻ پنجاب جي صدر ۽ سينيٽر عون عباس بپي پارٽي کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سينيٽر عون عباسي بپي وڊيو بيان ۾ پارٽي کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪيو، هن چيو ته نوَ مئي جي واقعن جي مذمت ڪيان ٿو، مان سمجهان ٿو ته اِهو مُلڪي تاريخ ۾ ڪارو چٽو آهي، قوم ۽ پاڪ فوج لازم ملزوم آهن، تحريڪ انصاف ڏکڻ پنجاب جي صدارت استعيفيٰ ڏيان ٿو.
ان کانسواءِ هن ڪجهه عرصو سياست تان هٿ کڻڻ جو به اعلان ڪيو .