لاهور ( ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي صدر ۽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
اسلام آباد پوليس چوڌري پرويز الاهي کي ڪينال روڊ تان گرفتار ڪري کيس وفاقي راڄڌاني روانو ٿي وئي.
ان کان اڳ لاهور هاءِ ڪورٽ پرويز الاهي جي آزادي جو حڪم ڏنو هو. عدالت لکت ۾ جاري ڪيل حڪم چيو هو ته پرويز الاهي کي نيب يا ڪا اٿارٽي ۽ ايجنسي گرفتار نٿي ڪري سگهي، جڏهن ته پرويز الاهي کي ڪنهن به قانون تحت نظربند به نٿو ڪري سگهجي.
ذريعن موجب، پرويز الاهي کي ٿري ايم پي ايو تحت گرفتار ڪيو ويو آهي.