اسان ڪيترائي ڀيرا ٻڌائي چڪا آهيون ته قدرت تقريبن هر شيءِ ۾ انسان لاءِ فائدا رکيا آهن جن جي هر ڪنهن کي خبر ناهي هوندي،
هرٻي جي ٻج جي ڏکڻ ايشيائي ملڪن ۽ بحيره روم جي کاڌن ۽ دوائن ۾ استعمال جي وڏي تاريخ آهي. ان ٻج جو الڳ ئي ذائقو ۽ بهترين خوشبو آهي. هرٻي جو ٻج عام طور تي ٻوڙ، کٽاڻ ۽ ماني سميت مختلف کاڌن ۾ مصالحي ۽ ذائقي واري شيءِ طور استعمال ڪيو ويندو آهي.