سکر تعليمي بورڊ انٽر جو نتيجو پڌرو ڪري ڇڏيو، شهنيلا اقبال جو اي ون گريڊ

سکر (ويب ڊيسڪ) تعليمي بورڊ سکر ٻارھين جماعت جو نتيجو پڌرو ڪري ڇڏيو، پري ميڊيڪل، انجنيئرنگ، ڪامرس ۽ ھوم اڪنامڪس جي نتيجن جو اعلان ڪيو ويو آهي.
نتيجن موجب پري ميڊيڪل گروپ ۾ پھرين پوزيشن سکر جي ميراب عمران 997 مارڪون کڻي حاصل ڪئي، ٻي پوزيشن خيرپور واسي عبدالتوحيد گھمرو ۽ حفصا شيراز 993 مارڪون کڻي حاصل ڪئي، ٽين پوزيشن محمد ڪاشف شيخ ۽ ملائڪه زھرا جي حصي ۾ آئي، جن 997 مارڪون حاصل ڪيون، جڏهن ته گهوٽڪي جي اسلاميه پبلڪ اسڪول جي شاگردياڻي شهنيلا اقبال مهر 939 مارڪون کڻي A1 گريڊ حاصل ڪيو.
جاري ڪيل نتيجن موجب پري ميڊيڪل گروپ ۾ 20729 اميدوارن مان 19317 اميدوار پاس ۽ 1365 اميدوار فيل قرار ڏنا ويا، جڏهن ته پري انجنيئرنگ گروپ ۾ پھرين پوزيشن خيرپور واسي عادل مصطفيٰ شيخ 998 مارڪون کڻي حاصل ڪئي، ٻي پوزيشن ميرپور ماٿيلي واسي غضنفر علي لاشاري 985 مارڪون کڻي حاصل ڪئي ۽ ٽين پوزيشن پنو عاقل واسي محمد عمر سميجو ۽ خيرپور واسڻ طيبه 985 مارڪون کڻي حاصل ڪئي.
پري انجنيئرنگ گروپ ۾ 10899 اميدوارن مان 9873 اميدوار پاس ۽ 990 اميدوار پري انجنيئرنگ گروپ ۾ فيل ٿيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.