راڻيپور (ويب ڊيسڪ) شهيد فاطمه ڦرڙو جي ڪيس جي خيرپور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيروي ڪندڙ سينيئر ايڊووڪيٽ صفدر علي ڪناسرو پوليس جي جاچ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو آهي.
ڪيس جي پيروي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ايڊووڪيٽ صفدر ڪناسرو چيو ته راڻيپور پوليس جوابدار پير اسد شاھه کي شاهي مهمان طور رهائي ويٺي آهي، جوابدار جي موبائيل جو پن ڪوڊ ايڏو وڏو اشو ناهي جو پوليس اها موبائيل کولي نٿي سگهي.
هن چيو ته موبائل ۾ ضرور حساس مواد آهي، جيڪو پير سڳورا ظاهر ڪرڻ نٿا چاهين ۽ پوليس انهن آڏو بي وس آهي.
هن ايس ايس پي خيرپور ۽ ڊي آءِ جي سکر کي نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي.
Next Post
You might also like