ڪجهه وقت اڳ مبينا غيرت جي نالي تي قتل ڪيل نورين فاطما مهر جو ڪيس هيل تائين عدالتن ۾ هلي رهيو آهي.
نورين فاطما مهر جي بي رحماڻي قتل سنڌ ۾ ڏک جي لهر پکيڙي ڇڏي هئي. هڪ پڙهيل لکيل نوجوان ناري جي قتل جو ڪيس ڊگهي وقت تائين هيڊ لائينز ۾ رهيو جڏهن ته ڪيس جي پيروي ٿي رهي آهي.
نورين جي مڙس جي دعويٰ آهي ته هنن پسند جي شادي ڪئي هئي جنهن تان نورين جي وارثن کيس قتل ڪيو آهي.