اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران حڪومت طرفان پيٽرليم شين جي اگهن ۾ وڏي واڌ بابت هڪ نوٽيفڪيشن جعلي ثابت ٿيو آهي.
خميس جي شام هڪ نوٽيفڪيشن سامهون آيو، جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي ته حڪومت طرفان پيٽرول جي قيمت ۾ 22 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ان جي قيمت 312 رپيا ٿي وئي آهي ۽ ائين هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 19 رپيا وڌڻ کانپوءِ 323 رپيا في ليٽر ٿي وئي آهي.
پر ذريعن جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل نوٽيفڪيشن جعلي آهي ۽ اڃا پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ناهي ڪئي وئي.
Prev Post
You might also like