ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ماحول جي بهتري لاءِ وڻڪاري مهم شروع ڪرڻ جي درخواست نه ٻڌڻي جوڳي قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي.
چيف جسٽس احمد علي شيخ ريمارڪس ڏنا ته ڇا هاڻ وڻڪاري مهم به عدالت شروع ڪرائيندي، مڇر مار ڦوهارو به عدالت ڪري؟
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ماحول جي بهتري لاءِ وڻڪاري مهم شروع ڪرڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، چيف جسٽس احمد علي شيخ چيو ته وڪيل صاحب! حڪومت لاڙڪاڻي ۾ وڻڪاري مهم شروع ڪئي هئي، نم جا وڻ پوکڻ جي نالي تي ڪروڙين رپيا خرچ ڪيا ويا، هاڻ اتي گرائونڊ تي ڪجهه به ناهي.
عدالت درخواستگذار کان پڇاڻو ڪيو توهان کي اندازو آهي ته نئين وڻڪاري مهم تي ڪيترو خرچ اچي سگهي ٿو، ڇا هاڻ وڻڪاري مهم به عدالت شروع ڪرائي، مڇر مار ڦوهارو به عدالت ڪرائي؟
عدالت درخواستگذار کان پڇاڻو ڪيو ته توهان کي خبر آهي اٿارٽي ڪير آهي؟ توهان کي لاڳاپيل سيڪريٽري سان رابطو ڪرڻ گهرجي.
درخواستگذار مرتضيٰ کهڙي چيو ته مان چيف سيڪريٽري کي به خط لکيو آهي، مطمئن ڪندڙ جواب نه ڏنو ويو.
عدالت درخواست ڪئي ته توهان ڪراچي جي ميئر وٽ وڃو، درخواستگذار چيو ته چيف سيڪريٽري، ميئر کي هدايتون جاري ڪيون وڃن ته وڻ پوکين، سنڌ هاءِ ڪورٽ درخواست نه ٻڌڻي جوڳي قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي.
ڇا هاڻ وڻڪاري مهم ۽ مڇر مار ڦوهارو به عدالت ڪرائي؟ جسٽس احمد علي شيخ ڪاوڙجي پيو
You might also like