ايلون مسڪ جو ايڪس واهپيدارن جي دلي خواهش پوري ڪرڻ جو اعلان

ايلون مسڪ طرفان واهپيدارن لاءِ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس ۾ آڊيو ۽ وڊيو ڪالز جو فيچر جلد متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

ٽيسلا جي سي اي ايِ ايلون مسڪ اِهو اعلان سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي ڪيو آهي، ايلون مسڪ ايڪس تي پوسٽ ۾ ٻڌايو ته آڊيو ۽ وڊيو ڪالز جو فيچر جلد واهپيدارن لاءِ موجود هوندو.

هن چيو ته اِهو فيچر اينڊرائيڊ، آءِ او ايس، ميڪ ۽ ونڊوز ڪمپيوٽر تي ڪم ڪندو، هاڻي آڊيو ۽ وڊيو ڪالز ڪرڻ لاءِ ڪنهن فون نمبر جي ضرورت نه هوندي.

ايلون مسڪ موجب، ايڪس هڪ گلوبل ايڊريس بڪ آهي ۽ انڪري ڪالز لاءِ فون نمبر جي ضرورت ناهي.

ايلون مسڪ طرفان فلحال فيچر بابت حتمي تاريخ بابت جو اعلان ناهي ڪيو، نه ئي اِهو ڄاڻايو ويو آهي ته اِهو فيچر رڳو بليو سبسڪرائبرز لاءِ موجود هوندو  يا سمورن واهپيدارن لاءِ .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.